شيخ فيض الله

شيخ، فيض الله: شيخ فيض الله سنڌ جي مشهور نقشبندي بزرگ مخدوم آدم جو وڏو فرزند هو. هيءُ پنهنجي وقت جو معتبر عالم ۽ ڪامل عارف هو. مخدوم آدم کانپوءِ رشد ۽ هدايت جي مسند تي ويٺو. ‘مرقوب الاحباب’ ۾ لکيل آهي ته، “مخدوم آدم پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي کيس پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪري ڇڏيو هو.” شيخ فيض الله ننڍپڻ ۾ تعليم ۽ تربيت مخدوم آدم جي فيض واري خليفي ابو القاسم نقشبنديءَ کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ وڌيڪ تعليم ۽ روحاني تربيت لاءِ سندس والد پنهنجي پير ۽ مرشد جي خدمت ۾ سرهند شريف وٺي ويو، سندس مرشد شاهه سيف الدين ظاهري ۽ باطني تربيت اهڙي ڪئي، جو شيخ فيض الله وڏي مرتبي تي پهچي ويو. سلوڪ جي واٽ طئي ڪرڻ لاءِ هن وڏيون رياضتون ڪيون، ڪيترائي ڀيرا ٺٽي سنڌ کان سرهند شريف پيادل سفر ڪيائين. اهي ڪشالا، رياضتون ۽ روحاني بلندي ڏسي هن جي مرشد هن کي خلافت جو خرقو عطا ڪري مخلوق جي رشد ۽ هدايت لاءِ وطن واپس موڪليو. پـاڻ پنهـنجـي وطـن سـنڌ اچـي مخلـوق جي روحاني تربيت ڪيائين ۽ ڪيترن ئي انسانن کي سنئين واٽ ڏيکاري اونداهيءَ مان ڪڍيائين. جـوانـيءَ ۾ پنهنجي والـد جـي وفات کان چـئـن پنجن سالن بعد رحلت ڪيائين. سندس مزار پنهنجي والد جي مزار جي اولهه طرف کان ٺٽي جي قبرستان ۾ آهي.


لفظ شيخ فيض اللهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو